SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Baghdad Pact

(click word to listen sound
  • 🔊
  • baghdad
  • pækt
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Baghdad Pact

بيغڊيڊ پيڪٽ

بغداد ٺاهه

مُنڍ ۾ ”وچ اوڀر ٺاهه تنظيم“ (METO) جي نالي سان قائم ڪيل هن ٺاهه تي 24 فيبروري 1955ع تي سڀ کان پهريان عراق، ايران ۽ ترڪيءَ صحيون ڪيون، جڏهن ته بعد ۾ پاڪستان ۽ برطانيا به ان ٺاهه ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن ٺاهه جو خاص مقصد وچ اوڀر جي ملڪن ۾ ڪميونزم جي ڦهلاءُ کي روڪڻ هو. عرب ملڪن ان ٺاهه جي سخت مخالفت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 14 جولاءِ 1959 ع تي عراق ان ٺاهه مان نڪتو.پاڪستان، ايران ۽ ترڪيءَ پاران ان ٺاهه کي 1979ع ۾ ڇڏڻ بعد ان ٺاهه جو خاتمو ٿيو. هيءَ ٺاهه سينٽرل ٽريٽي آرگنائيزيشن (CENTO) جي نالي سان به مشهور آهي. ان ٺاهه جا ٻه خاص رخ، فوجي ۽ اقتصادي هئا.ٺاهه تي ايران سيپٽمبر 1955ع ۾، آمريڪا مئي 1956ع ۾ اقتصادي حوالي سان ۽ بعد ۾ 1958ع ۾ فوجي سهڪار جي لحاظ کان به صحيون ڪيون.ابتدا ۾ سهڪار جو مرڪز عراق جي شهر بغداد ۾ قائم ڪيو ويو. بعد ۾ 1975ع کان 1985ع تائين اهو مرڪز ترڪيءَ ۾ هو


From Dictionary of Political Terms


Baghdad Pact

بغداد معاهدو

هي دفاعي معاهدو عراق ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ فيبروري 1955ع ۾ عمل ۾ آيو. برطانيا، پاڪستان ۽ ايران ان معاهدي ۾ 1955ع ۾ شامل ٿيا. 1957ع ۾ آمريڪا ان معاهدي جي فوجي ۽ اقتصادي ڪميٽين جو رڪن بڻيو. عراق 1959ع ۾ ان معاهدي کان الڳ ٿيو ۽ معاهدي جو نالو بدلائي سينٽو رکيو ويو.


Remember Me Also:

مشابتون

مشابَتُون

ث . مشابهتون ڏيئي ساراهه ڪرڻ، وڏن سان ڀيٽي ساراهڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal